اسلام آباد – 16 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خ??ن چيو آهي ته اسان هر ڳالهه تي ٺاهه ڪري سگهون ٿا پر ڪرپشن تي ڪنهن به صورت ۾ ٺاهه نه ڪنداسين، مخالف ڌر پارٽين جي اڳواڻن جو مفاد پاڪستان جي مفاد ??ي ابتڙ آهي، ايف اي ٽي ايف قانونسازي نه ٿئي ها ته ملڪ بليڪ لسٽ ۾ هليو وڃي ها، رپئي تي وڌيڪ دٻاءُ وڌي ها ته مهانگائي ۾ اضافو ٿئي ها، موٽروي جهڙي سانحي جي روڪٿام ۽ اهڙن واقعن ۾ ملوث ڏوهارين کي عبرتناڪ سزا ڏيڻ جي لاءِ قانونسازي ڪنداسين، پي ايم ڊي سي بل جي منظوري سان ميڊيڪل ۽ ڊينٽل ڪاليجن جو معيار عالمي معيار موجب بڻائڻ ۾ مدد ملندي. هو پارليامينٽ جي گڏ??ل اجلاس کي خطاب ڪري رهيو هو. وزيراعظم عمران خ??ن سڀ کان اڳ پنهنجي پارٽي ۽ اتحادين کي خراج تحسين پيش ڪيو.
مضمون کا ماخذ : میگا فارچیون