اسلام آباد – 06 آگسٽ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته ملڪ ۾ سمارٽ لاڪ ڊائون جي ڪري ڪورونا تي ضابطو آڻڻ ۾ مدد ملي، پاڪستاني عوام ڪوورنا کان بچاءُ جي لاءِ ضابطن تي ڀرپور طريقي سان عمل ڪيو، پاڪستان چانور برآمد ڪندڙ وڏو ملڪ آهي، مصنوعات جي ويليو ايڊيشن ذريعي روانگي واپار ۾ اضافو ڪري سگهجي ٿو. اهڙن خيالن جو اظهار هن انٽرنيشنل راول ايڪسپو جي ورچوئل اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو. صدر چيو ته وزيراعظم عمران خان ڪوورنا وبا جي ڏس ۾ متاثر ٿيندڙ ماڻهن تي ڀرپور ڌيان ڏنو، مزدور ۽ ڏهاڙي تي ڪم ڪندڙ طبقي جي احساس پروگرام ذريعي امداد ڪئي وئي، پاڪستان ٻين ملڪن جي مقابلي ۾ ڪورونا وبا کان گهٽ متاثر ٿيو آهي. هن چيو ته ڪورونا وبا ۾ تيزي سان گهٽتائي اچي رهي آهي. هن چيو ته واپاري پنهنجي مصنوعات جي ذريعي دنيا کي اهو ٻڌائي سگهن ٿا ته اهي ڇا ٺاهي رهيا آهن، هي نمائش واپارين کي پنهنجي مصنوعات وڪرو ڪرڻ جو بهترين موقعو فراهم ڪري ٿي، راولپنڊي چيمبر آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري اها نمائش منعقد ڪري شاندار ڪم ڪيو آهي. صدر چيو ته واپارين جي ٻاهرئين ملڪ سفارتخانن ۾ مقرر ڪمرشل قونصلرز سان رابطن ک?? فروغ ڏيڻ جي ضرورت آهي، پرڏيهي وزا??ت ڪمرشل قونصلرز کي مناسب انداز ۾ آگاه?? فراهم ڪري ٿي جڏهن ته واپاري برادري به انهن کي پنهنجي تجويزن کان آگاهه ڪري سگهي ٿي ته جيئن مختلف ملڪ ۾ پاڪستاني واپارين جي مصنوعات جي کپت ۾ اضافو ڪري سگهجي ۽ ڪمرشل قونصلر مختلف ملڪن جي منڊين ۾ موجود موقعن بابت واپارين کي آگاهه ڪري سگهن. هن چيو ته اسان کي روايتي روانگي واپار سان گڏوگڏ پنهنجي مصنوعات جي ويليو ايڊيڊ تي ڌيان ڏيڻ گهرجي، پاڪستان پنهنجي جي ڊي پي ۾ 36 ارب ڊالر اضافي جي صلاحيت رکي ٿو، چيمبر آف ڪامرس پاڪستان جي اندر ??صنوعات جي پروڊڪشن، مارڪيٽنگ سميت ٻيا معاملا ڏسي ٿو، اسان زرعي ملڪ هجڻ جي حيثيت سان روايتي پيداوار تي ڌيان ڏيون ٿا، پاڪستان چانور برآمد ڪندڙ وڏو ملڪ آهي.
متعلقہ مضامین
-
‘Any attempt to disrupt Sino-Pak ties bound to fail’
-
Fazlur Rehman announces ‘million marches’ to support Gaza
-
Govt made outrageous efforts to falsely accuse Zardari: Khursheed
-
Pakistan says two of its soldiers killed in clash with India in Kashmir
-
وائلڈ ہیل آفیشل گیم پلیٹ فارم: گیمنگ کا نیا دور
-
EVO آن لائن آفیشل ڈاؤن لوڈ لنکس مکمل رہنمائی
-
V83D کارڈ گیم ایماندار بیٹنگ انٹری کی مکمل رہنمائی
-
EVO آن لائن: دیانت دار تفریحی لنکس اور آپ کی تفریح کا نیا طریقہ
-
پی ایس الیکٹرانک ریپوٹیشن بیٹنگ ویب سائٹ کی خصوصیات اور فوائد
-
جیکسیانگ ڈریگن ٹائیگر آفیشل گیم پلیٹ فارم ڈاؤن لوڈ
-
ڈریگن ہیچنگ سرکاری تفریح ویب سائٹ کا تعارف
-
Five Numbers High and Low ایپ ڈاؤن لوڈ کریں: مکمل رہنمائی